Discover

Topics

سنڌي قرآن Sindhi Quran

سنڌي قرآن Sindhi Quran APK

سنڌي قرآن Sindhi Quran APK

3.5 FreeZawar Reza Hussain Alhussaini ⇣ Download APK (6.58 MB)

Quran Sindhi with Translation, Tafser Audio & Search option in Sindhi and Arabic

What's سنڌي قرآن Sindhi Quran APK?

سنڌي قرآن Sindhi Quran is a app for Android, It's developed by Zawar Reza Hussain Alhussaini author.
First released on google play in 6 years ago and latest version released in 3 years ago.
This app has 38.5K download times on Google play and rated as 4.59 stars with 337 rated times.
This product is an app in Education category. More infomartion of سنڌي قرآن Sindhi Quran on google play
بسم الله الرجمن الرحيم

ڪجھ ڳالهيون هن ترجمي بابت

قرآن شريف، الله سائين جو آخري ڪتاب ۽ رسول اڪرم صلي الله عليه و آله و سلم جي رسالت جو زندھ ۽ جاويد معجزو آهي، جنهن ۾ ڪنهن به قسم جو ڪو شڪ شبهو نه آهي، هي آسماني ڪتاب هر قسم جي لفظي تحريف يا گهاٽي واڌي کان پاڪ آهي. پر ڇو جو هي خدائي ڪلام عربي ٻولي ۾ آهي، تنهنڪري غير عرب مسلمانن کي ان مان لاڀ پرائڻ ۽ فيضياب ٠يڻ لاءِ ترجمي جي ضرورت پيش آئي، البت هر مترجم پنهنجي علمي قابليت ۽ عربي ۽ پنهنجي ٻولي تي مهارت موجب ان جو ترجمو ڪيو آهي، تنهنڪري ڪنهن به ترجمي کي حرف آخر ن٠و چئي سگهجي. پاڪ پالڻهار مترجمين کي اجر عظيم عطا فرمائي. انهن پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪئي.

هي موجودھ ترجمو قاري امان الله ڪربلائي جو آهي، جيڪو ان مولانا حافظ سيد فرمان علي جي اردو ترجمي مان سنڌي ۾ ڪيو آهي. هن ترجمي کي ڇاپي پڌري ڪرڻ جي سعادت پير محمد ابراهيم ٽرسٽ کي حاصل ٠ي، 1975 ۾ هي ايڊيشن شايع ٠يو. هينئر انٽرنيٽ جي سهولت کي نظر ۾ رکندي اسان جي خواهش هئي ته ان کي وري ٽائيپ ڪرائي، آنلائن رکجي يا اڃا وڌيڪ ان جي ائنڊرائيڊ ايپليڪشن ٺاهجي ته جيئن هر ڪو مومن پنهنجي موبائل ۾ ان کان استفادو ڪري سگهي.
بهرحال مترجم پنهنجي وس آهر ڪوشش ڪئي آهي، پر ظاهر آهي ته ڪنهن جي به ڳالھ قرآن جي ترجمي جي لحاظ کان حرف آخر نه آهي، مترجم کان علمي اختلاف رکڻ جو هر محقق کي حق آهي. اسان ڪوشش ڪئي آهي پر وري به ٠ي سگهي ٠و ڪ٠ي غلطي ٠ي وئي هجي، پڙهندڙن کي گذارش آهي ته ان جي نشاندهي ڪن ته جيئن ان جي اصلاح ڪري سگهجي.
ياد رهي ته ان قرآن ۾ ضروري جاين تي وضاحت يا مختصر تفسير طور حاشيو به لڳايو ويو آهي، جيڪو هن اپليڪيشن ۾ شامل نه ڪري سگهيا آهيون، توفيق حاصل ٠ي ته ڪنهن ٻي ورجن ۾ ان کي به شامل ڪبو. اصل ترجمي جي ٽائيپنگ ۽ ان کي اپليڪيشن ۾ آڻڻ لاءِ علمي صلاحڪار مولانا غلام قاسم تسنيمي جن آهن، جڏهن ته حاشئي جي ٽائيپنگ مولانا نظير احمد بهشتي ۽ ظفر علي تسنيمي ڪئي آهي.

پاڪ پالڻهار قرآن جي سڀني خادمن کي اجر عظيم عطا فرمائي، سندن ڪاوشن کي قبول فرمائي ۽ سندن توفيقات خير ۾ اضافو فرمائي.

هن اپليڪيشن جون ڪجھ اهم خاصيتون
1. مڪتب اهل بيت عليهم السلام جي نقطه نظر سان قرآن جو سليس، سولو ۽ روان سنڌي ترجمو
2. عربي ۽ سنڌي عبارت لاءِ الڳ رنگن جو استعمال جيئن پڙهڻ ۽ ۾ سولائي ٠ئي.
3. عربي ۽ سنڌي لاءِ بهترين ۽ دلڪش فونٽ
4. اکرن کي ننڍو وڏو ڪرڻ جي سهولت
5. ڏينهن ۽ رات لاءِ ٻه مختلف دلڪش انداز.
6. قرآن ۽ سنڌي ترجمي جي سموري مواد مان مطلوبه لفظ جي ڳولا جي بهترين سهولت
7. تلاوت ٻڌڻ لاءِ عبدالباسط جي آواز ۾ ڊانلوڊنگ جي سهولت
8. قرآن شريف کي مڪمل طور پڙهڻ ۽ ختمي ڪڍڻ لاءِ بڪ مارڪ سسٽم جي سهولت
9. آيتن کي پسند ڪري، پنهنجي پسنديده آيتن کي هڪ جڳھ گڏ ڪرڻ يا شيئر ڪرڻ جي سهولت
10. قرآن جي تلاوت لاءِ سورتن ۽ سپارن جي انتخاب جي سهولت

دعاڳو ۽ محتاج دعا
المجتبى ملٽي ميڊيا ٽيم